- Advertisement -
پ پ اڳواڻ سسئي پليجو ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سسئي پليجو پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سينيٽ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جي حوالي سان حڪومتي وزير مصدق ملڪ پاران ڪيل تقرير ڪوڙ تي ٻڌل آھي.
هن چيو ته مصدق ملڪ جي تقرير ھڪ صوبي جي خواھش جي پرچار محسوس ٿي آھي.
سندس چوڻ هو ته وزير صاحب پاڻي ورڇ بابت جيڪي انگ اکر پيش ڪيا اُهي غلط آھن.
سسئي پليجو چيو ته ن ليگ جي ھي پاليسي وفاق خلاف آھي، پاڻي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ وفاق نه پر صوبائي ۽ آئيني فورم سي سي آءِ آھي، جنھن کان مٿانھون ٿي فيصلا ڪيا پيا وڃن.
پ پ اڳواڻ چيو ته ليگي ترميم غير جمهوري ۽ غير آئيني آھي، جنھن کي هو رد ڪري چڪا آھن.
هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي، جنھن کي سنڌ جا ماڻھو، اسيمبلي، ماھر، آبادگار، ھاري ۽ سياستدان رد ڪري چڪا آھن- Advertisement -
