- Advertisement -
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختلف امتحانن ۾ اميدوارن ميرٽ جي لتاڙ جون شڪايتون ڪيون آهن.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل کي سڄي سنڌ مان اميدوارن جون شڪايتون مليون آهن، اهڙا دستاويز پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
تازو تعليم کاتي ۾ ليڪچرارن، صحت کاتي لاءِ نرسز ۽ ٻين امتحانن ۾ سياسي ماڻهن جي ويجهن عزيزن کي پڻ نوازڻ جون شڪايتون آهن.
ذريعن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بلوچستان جي ڊوميسائل تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميمبر بڻيل رضوان ميمڻ خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيڻ باوجود عمل ناهي ٿيو.
مڪاني کاتي لاءِ ميونسپل ڪمشنرز ۽ ٽائون آفيسرن واري امتحانن ۾ به بي ضابطگين ٿيون آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ هلندڙ سال مارچ مهيني ۾ واضح فيصلو پڻ ڏنو هو.
ميرٽ جي لتاڙ جي حوالي سان اميدوارن پاران پبلڪ سروس ڪميشن تي سنگين الزام لڳايا هئا، جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ حيدرآباد رضوان ميمڻ ۽ مخلتف الزامن بابت جاچ ڪاميٽي ٺاهڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اميدوارن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڌر بڻايو هو، ياد رهي ته اهڙو فيصلو مارچ 2024 ۾ ٻڌايو ويو هو.
سنڌ ٽي وي نيوز اسويسٽيگيشن سيل پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيو.- Advertisement -
