تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

سسئي پليجو ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ سسئي پليجو ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سسئي پليجو پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سينيٽ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جي حوالي سان حڪومتي وزير مصدق ملڪ پاران ڪيل تقرير ڪوڙ تي ٻڌل آھي. هن چيو ته مصدق ملڪ جي تقرير ھڪ صوبي جي خواھش جي پرچار محسوس ٿي آھي. سندس چوڻ هو ته وزير صاحب پاڻي ورڇ بابت جيڪي انگ اکر پيش ڪيا اُهي غلط آھن. سسئي پليجو چيو ته ن ليگ جي ھي پاليسي وفاق خلاف آھي، پاڻي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ وفاق نه پر صوبائي ۽ آئيني فورم سي سي آءِ آھي، جنھن کان مٿانھون ٿي فيصلا ڪيا پيا وڃن. پ پ اڳواڻ چيو ته ليگي ترميم غير جمهوري ۽ غير آئيني آھي، جنھن کي هو رد ڪري چڪا آھن. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي، جنھن کي سنڌ جا ماڻھو، اسيمبلي، ماھر، آبادگار، ھاري ۽ سياستدان رد ڪري چڪا آھن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.9 ° C
18.9 °
18.9 °
41 %
1.7kmh
0 %
اڱارو
19 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون