تازه ترين

سعودي عرب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد بن سليمان الجاسر جي ملاقات

سعودي عرب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد بن سليمان الجاسر جي ملاقات ٿي جنهن دوران پاڪستان ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جون رٿائون جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي سائيڊ لائينز تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد بن سليمان الجاسر جي ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال ۽ توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري به موجود هو.

ملاقات دوران پاڪستان ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري تي اسلامي ترقياتي بينڪ جا ٿورا مڃيا.

ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جون رٿائون جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق اتفاق ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اسلامي ترقياتي بئنڪ حڪومت جي جٽادار ترقيءَ جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، سيڙپڪارن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مڪمل طور فعال آهي.

اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر ڊاڪٽر الجاسر چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعاگو آهن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
14 %
0.9kmh
0 %
آچر
24 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون