تازه ترين

لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، اڳوڻي آل رائونڊر اظهر محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر گيري ڪرسٽن کي وائيٽ بال ۽ آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر جيسن گليسپي کي ريڊ بال جو ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، اڳوڻي آل رائونڊر اظهر محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس قومي ٽيم جي ڪوچز بابت آهي.

هن چيو ته ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر گيري ڪرسٽن وائيٽ بال ۽ آسٽريليا جو اڳوڻو فاسٽ بالر جيسن گليسپي ريڊ بال جو ڪوچ هوندو جڏهن ته اظهر محمود ٻنهي فارميٽ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اسسٽنٽ ڪوچ هوندو.

سندس چوڻ هو ته گيري ڪرسٽن انگلينڊ جي دوري تي ٽيم کي جوائن ڪندو جڏهن ته جيسن گليسپي بنگلاديش سيريز ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پرڏيهي رانديگرن جو اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته کين سندن پوٽينشل تي اعتماد آهي.

هن چيو ته نيوزيلينڊ خلاف قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي آهي،  اختلاف ٿيندا آهن ته مسئلا به پيدا ٿيندا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پي سي بي جو ڪم پئسا گڏ ڪري بئنڪن ۾ جمع ڪرڻ ناهي، وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۾ به بهترين آندي ويندي، عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽيءَ جو اعلان به جلد ٿيندو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
26 %
3.7kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون