تازه ترين

سعودي عرب ۾ ڊزني لينڊ آن آئس شو ڪرايو ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سعودي عرب ۾ ڊزني لينڊ آن آئس شو ڪرايو ويو جنهن ۾ ڪارٽون ۽ ايني ميٽڊ فلمن جي ڪردار پنهنجي شاندار پرفارمنس سان شوقينن کي ڀرپور تفريح فراهم ڪئي.

سعودي جنرل انٽرٽينمينٽ اٿارٽي طرفان ڊزني لينڊ جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ رنگا رنگ شو ڪرايو ويو.

رنگا رنگ شو ۾ سوين ٻارڙن سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊزني لينڊ جي ناليواري ڪارٽون ميڪي مائوس سميت ٻين ڪارٽون ڪردارن پنهنجي پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو.

جادوئي ۽ افسانوي ڪردارن تي ٻڌل ايني ميٽڊ فلمن جي ڪردارن الادين ۽ مونا سميت ٻين فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري ويٺل ماڻهن کي ڀرپور تفريح فراهم ڪئي.

سعودي عرب ۽ پاڪستان سميت ٻين پرڏيهين ڊزني لينڊ جي فنڪارن کي سندن پرفارمنس تي خوب داد ڏنو ۽ هڪ سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ ڏني.

ڊزني لينڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊزني لينڊ جي سئو سال جو سفر انتهائي شاندار رهيو ۽ سندن ڪوشش آهي ته اڳتي به اهڙو ئي ڪاميابيءَ سان گڏ تفريحي سفر جاري رهي جنهن لاءِ جلد نون ڪردار کي سامهون آندو ويندو ۽ ڏسندڙ پسند ڪندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
13 %
5.3kmh
86 %
اڱارو
32 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون