- Advertisement -
وقتي صدر يوسف رضا گيلاني اليڪشن ترميمي آرڊيننس سميت 2 آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا.
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اليڪشن ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي،
آرڊيننس تحت اليڪشن ٽربيونل ۾ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن سان گڏ رٽائرڊ جج به مقرر ڪري سگهبا.
وقتي صدر نيب ترميمي آرڊيننس به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت نيب ڪيسن ۾ جوابدارن جو رمانڊ 14 ڏينهن مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو ويو آهي.
نيب ترميمي آرڊيننس تحت نيب آفيسر پاران بدنيتي تي ريفرنس داخل ڪرڻ تي سزا 5 سالن مان گهٽائي 2 سال ڪئي وئي آهي…- Advertisement -
