- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سندن پارٽي گارگند ۽ الزامن جي سياست نه ڪندي آهي، کين ڪارڪردگي تي يقين آهي.
فيصل آباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته حڪيم راڻا ثناءَ الله اهڙو علاج ڪيو ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جو نه بيمار نظر اچي ٿو ۽ نه وري بيماري نظر اچي رهي آهي، نه مرض نظر اچي ٿو ۽ نه وري مريض نظر اچي رهيو آهي.
هن چيو ته مسلم ليگ ن بداخلاقي جو مقابلو نه ڪندي آهي، بدتهذيبي جو جواب نه ڏيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن گارگند نه ڪندي آهي، الزامن جي سياست نه ڪندي آهي، ڪنهن کي چور چور نه چوندي آهي، مسلم ليگ ن هميشه خدمت ۾ مقابلو ڪندي آهي.
مريم نواز چيو ته هوءَ ڪنهن کي غدار قرار نه ٿي ڏئي پر پلي ڪارڊ تي لکيل آهي ته نواز شريف کي حڪومت مان ٽي ڀيرا ڪڍيو ويو.
هن چيو ته اڌوري حڪومتن باوجود نواز شريف جي بيان ۾ ڪا به هڪ اهڙي لائن نه ٿي ملي جنهن مان قومي سلامتي کي داءُ تي لڳايو ويو هجي.- Advertisement -
