بلوچستان جي علائقي مچ ۽ ڪولپور ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن ۽ فائرنگ ۾ 24دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي مچ ۽ ڪولپور ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن ۽ فائرنگ ۾ 24دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جا چار جوان ۽ 2 شهري شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 29 ۽ 30 جنوري جي وچ واري رات  دهشتگردن مچ ۽ ڪولپور ۾ حملو ڪيو. ترجمان موجب سڪيورٽي تي مقرر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سخت مزاحمت ڪئي ۽ حملو ڪندڙن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب دهشتگردن کي سيني ٽائيزيشن ۽ ڪليئرنس آپريشن دوران ڳوليو ويو ۽ آپريشن ڪلين اپ علائقي کي ڪليئر ۽ محفوظ بڻائڻ کانپوءِ مڪمل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب فائر فائيٽ ۽ سيني ٽائيزيشن آپريشن دوران ٽن ڏينهن دوران 24 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ دهشتگرد شهزاد بلوچ، عطا الله، صلاح الدين، عبدالودود ۽ ذيشان جهڙا دهشتگرد شامل آهن، باقي دهشتگردن جي به سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا چار اهلڪار بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا ۽ ٻن معصوم شهرين به حياتي وڃائي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو مضبوط جواب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عوام جي بي لوث عزم جو ثبوت آهي. ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
20%
3.2m/s
2%
اڱارو
20 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون