- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته آئيني ترميم سان چور دروازي کان اقتدار ۾ اچڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان بحران جي ڪيفيت مان نڪري ويو آهي، هاڻي معاشي ۽ استحڪام پيدا ٿيندو، مسلم ليگ ن معيشيت جي ترقي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مسلم ليگ نون ملڪي معيشيت ۽ ترقي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان بحران جي ڪيفيت مان نڪري ويو آهي، هاڻي معاشي ۽ سياسي استحڪام ايندو.
سندس چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي بعد جڏهن حڪومت ٺاهي ته ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي چڪو هو، ن ليگ هر مرحلي ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سمورين سياسي قوتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻايو.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته ن ليگ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري توانائي بحران تي ضابطو آندو.
هن چيو ته 2017ع ۾ هڪ چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪيو ويو، نواز شريف جي قيادت ۾ ترقي ڪندڙ ملڪ کي ٽريڪ تان هٽايو ويو.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته 26هين آئيني ترميم سبب اها اميد پيدا ٿي آهي ته هاڻي پاڪستان کي چور رستن سان نشانو نه بڻايو ويندو، جيئن پهريان بڻايو ويندو هو، هاڻي چور دروازو بند ٿي ويو آهي- Advertisement -
