- Advertisement -
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، ايس ٽي پي چيئرمين جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي، ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي رٿا کي رد ڪري چڪا آهن.
گهوٽڪيءَ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪري ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو.
ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ کي سنڌ سڪائڻ جي سازش سمجهن ٿا.
ميرپورماٿيلي ۾ ايس ٽي پي ريلي مٿان ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه تي ٺهندڙ سمورن ڪئنالن کي رد ڪري چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي سنڌ سڪائڻ جي سازش سمجهن ٿا، اهڙي منصوبي خلاف عوام ۾ جاڳرتا لاءِ رابطا مهم هلائي رهيا آهن.
ايس ٽي پي جي ريلي ڏهرڪي پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي.
ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ريلي پريس ڪلب چوڪ تي پهتي جتي گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي.
جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته موجود حڪومت سنڌ دشمن فيصلو ڪري سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو آڻي لکين سنڌين ڏانهن ڊيٿ وارنٽ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.
ھن چيو ته ڪينال نڪرڻ سان سموري سنڌ تباهه ٿي ويندي ۽ سندن نسل فاقا ڪشي طرف ھليا ويندا.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 24 فيبروري تي لکين ماڻهو غير قانوني ڪينالن جي فيصلي کي ريفرنڊم طور ناڪام ڪندا .
جلسي کي ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر خان شاھاڻي، گلزار سومري، ڄام فتاح سميجي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو- Advertisement -
