سانگهڙ جي علائقي چوٽياريون ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جي وارثن طرفان ٽئين ڏينهن به لاشن سميت ڌرڻو جاري

- Advertisement -
آهي. چوٽياريون ۾ هٿياربندن هٿان مارجي ويل ٽن ڄڻن جي وارثن طرفان لاشن سميت ٽئين ڏينهن به ڌرڻو هنيو ويو آهي. مقتولن جي لاشن سميت ڌرڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ به شريڪ آهي. پوليس متاثرن سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون آهن پر ڌرڻو ختم ڪرڻ ۾  ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. ان موقعي تي مقتول عورتن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پوليس ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس سندن مرضي موجب داخل نه ڪري رهي آهي. هنن چيو ته پوليس بااثر ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. مقتولن جي وارث عورت چيو ته جيڪڏهن واقعي جو ڪيس داخل نه  ٿيو ته هو پاڻ تي پئٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
50%
1.9m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون