- Advertisement -
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ پاڻي جو مسئلو تمام گهڻو نازڪ آهي، هن کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي جيڪا صورتحال هڪ سال اڳ هئي اها بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي ڪجهه گهٽ ٿيڻ شروع ٿي آهي، پيپلزپارٽي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتر رهي آهي.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ پاڻي جو مسئلو تمام گهڻو نازڪ آهي، هن کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پاڻي جو شوشو ڇڏيو ويو ته ٽئين صوبي ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته نارا ڪينال 2 ڪلو ميٽرن تائين پڪو ٿي ويو، هن سال روهڙي ڪينال کي پڪو ڪيو ويندو، سکر بئراج مان نڪرندڙ سڀني ڪينالن کي پڪو ڪيو ويندو.
خورشيد شاهه چيو ته ڪورين حڪومت سان گڏجي 62 ملين ڊالر جي لاڳت سان اروڙ وٽ ٽراما سينٽر ٺاهيندا.- Advertisement -
