- Advertisement -
سنڌڙي ۾ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪندي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان انڊين گٽڪي جا 40 ٻاچڪا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڪار تي ڇاپو هڻي جوابدار عمران خان، عبدالله، محمد اسامه، نوربخش، صحبت خان ۽ عثمان کي گرفار ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار منشيات عمرڪوٽ ضلعي ڏانهن اسمگل ڪري رهيا هئا.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان 40 ٻاچڪا انڊين گٽڪي جون هٿ ڪيا ويا.
پوليس موجب جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي……………- Advertisement -
