- Advertisement -
پنگريو ۾ گاهه ڪندڙ ناريءَ سان جوابدار پاران مبينا طور جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي، واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو.
باغ ۾ گاهه ڪندڙ ناري سان جوابدار عبدالحميد لنڊ پاران مبينا طور جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي.
متاثر ناريءَ جي ڀاءُ جي فرياد تي چوڪيدار عبدالحميد لنڊ مٿان ناري سان ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس ڀيڻ گاهه ڪرڻ لاءِ باغ ۾ وئي ته چوڪيدار عبدالحميد ساڻس لڄالٽ لٽ ڪئي.
هن چيو ته ناري جي رڙين تي باغ ڀرسان زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ هارين جي پهچڻ تي جوابدار عبدالحميد لنڊ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.- Advertisement -
