- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ واٽهڙو زخمي ٿي پيو آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پوليس اهلڪار جي شهادت واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اولهه کان تفصيل طلب ڪري ورتا.
اورنگي ٽائون سيڪٽر 11 بلاڪ ايل خليل مارڪيٽ ويجهو پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو.
ڦورن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار عبدالغفار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته واٽهڙو اعجاز زخمي ٿي پيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي کي کڻائي عباسي شهيد اسپتال پهچايو.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار اورنگي ٽائون پوليس مقابلي ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت واري واقعي جو نوٽيس ورتو.
صوبائي گهرو وزير، ايس ايس پي اولهه کان تفصيل طلب ڪري ورتا.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ غير معمولي قدم کنيا وڃن، هو شهيد جي گهر تعزيت لاءِ ويندو.- Advertisement -
