تازه ترين

صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ڪراچي  تعليمي بورڊ جي جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واڌ ڪري ڇڏي

- Advertisement -
صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ڪراچي  تعليمي بورڊ جي جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واڌ ڪري ڇڏي. اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪراچي  تعليمي بورڊ جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ واري ڪيس بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. تعليمي بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين پروفيسر نسيم احمد ميمڻ، ڊاڪٽر سعيد الدين، اڳوڻو ڪنٽرولر انور عليم راجپوت، اڳوڻو اسسٽنٽ ڪنٽرول تنوير عباس زيدي، عبدالحارث فاروقي، محمد عطر، محمد اسلم چوهاڻ ۽  ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جوابدارن جي ڪچي  ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته بورڊ جي عملدارن تي پري ميڊيڪل 2022 جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جا الزام آهن، جوابدارن نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري حقدار شاگردن جو مستقبل خراب ڪيو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون