- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد ملاقات ڪئي آهي.
وفد ۾ اي پي اين ايس جي صدر سرمد علي ۽ سيڪريٽري جنرل محمد اظهر قاضي شامل آهن.
اي پي اين ايس جي عهديدارن سينيئر صوبائي وزير کي اخباري صنعت کي پيش ايندڙ مسئلن بابت آگاهه ڪيو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت آزاد صحافت ۽ اخبارن جي ڪردار تعريف ڪري ٿي.
هن چيو ته پرنٽ ميڊيا معاشري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ جعلي خبرن خلاف عوام کي درست معلوم فراهم ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ سرڪار اخباري صنعت جي سمورن جائز مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اخباري صنعت کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون وينديون..- Advertisement -
