روس ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿيڻ سبب 49 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

- Advertisement -
روس ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿيڻ سبب 49 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. اوڀر بعيد ۾ مسافر جهاز جبل سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ پنجن ٻارڙن سميت 49 مسافر حياتي وڃائي ويٺا. علاقائي گورنر ويسلي اورلوف جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب سائبيريا سان تعلق رکندڙ هڪ هوائي ڪمپني جي مسافر جهاز ۾ 43 مسافر ۽ 6 ڄڻا عملي جا سوار هئا. روسي خابرو اداري موجب، هڪ مسافر جهاز اوچتو گم ٿي ويو، اي اين 24 ماڊل جو مسافر جهاز سائبيريا ڪي انگارا ايئر لائڻ جي نگراني ۾ اڏام تي هو جيڪو چين جي سرحد ويجهو ٽنڊا شهر طرف وڃي رهيو هو ته رستي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪٽجي ويو. روسي سرڪاري خابرو اداري طاس موجب، ڪو به مسافر زنده  ناهي بچي سگهيو، جهاز تباهه ٿيڻ جو واقعو روس ۾ شهري هوابازي بابت هڪ وڏو سانحو تصور ڪيو پيو وڃي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
68%
3.5m/s
2%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون