- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون برپا ڪيون پيون وڃن.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ نائين محرم الحرام جي جلوسن دوران هر پاسي يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ڪيو ويون.
ڪراچي ۾ 9 محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيو، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندي منزل تي پهچي نهر ٿيندو.
جلوس جي روٽ تي رستا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايم اي جناح روڊ جزوي طور کليل آهي.
ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جلوس جي نگراني ڪئي پئي وڃي.
ماتمي جلوس دوران سڪيورٽي لاءِ پنج هزار کان وڌيڪ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته رينجرز جي جوانن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.
ماتمي جلوس جي سڪيورٽي لاءِ عمارتن تي شارپ شوٽرز کي مقرر ڪيو ويو ، مين ماتمي جلوس جي رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو جڏهن ته ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي جهڙتي ورتي پئي وڃي.
سنڌ پوليس طرفان سڪيورٽي لاءِ اين آر ٽي سي روبوٽ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد لاءِ آهي.
ان موقعي تي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملدارن چيو ته انساني جانيون بچائڻ لاءِ روبوٽ متعارف ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته پاڪستان ۾ تيار ڪيل روبوٽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڪئمرائون پڻ لڳايون ويون آهن.
ملير جي گوهر گرين سٽي واري علائقي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس برپا ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
حيدرآباد ۾ 9 محرم الحرام تي مرڪزي ماتمي جلوس انجمن گلدسته اڪبر جي مان برآمد ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
دادو ۾9 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه حيدري مان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو.
دوداپور ۾ 9 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه دربتول مان ماتمي جلوس برآمد ڪري ياحسين ياحسين جون صدائون بلند ڪيون ويون.
فيض گنج ۾ مرڪزي ماتمي جلوس الحسيني امام بارگاهه مان برآمد ڪيو ويو، عزادان پاران سينا زني ڪئي وئي.
دريا خان مري ۾ 9 محرم الحرام تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري ياحسين ياحسين جون صدائون بلند ڪيون ويو.
ڊگهڙي ويجهو ڳوٺ سيد ولي محمد شاهه ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي.
سرهاڙي ۾ 9 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيئ وئي.- Advertisement -
