مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ تي پابندي سميت مختلف قدم کڻڻ تي صلاح مشورا ڪيا ۽ اتحادين سان رابطا تيز ڪرڻ تي مشاورت ڪئي آهي. ن ليگ جي ذريعن موجب مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف ڇانگا مانگا مري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي سميت ٻين قدمن تي عمل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به شامل هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي ٽنهي وڏن اڳواڻن وچ ۾ هي چوٿين ملاقات ٿي آهي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سميت اتحادين سان رابطن ۽ مشاورت بابت آگاهي پڻ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي  عمل ۾ ڪيل سمورن فيصلن بابت مسلم ليگ ن جي سينيئر قيادت کي به آگاهه ڪيو ويو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون