سنڌ جي مختلف شهرن ۾ درسي ڪتابن جو بحران برقرار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ درسي ڪتابن جو بحران برقرار آھي جڏھن تھ دادو ۾ استادن ۽ شاگردن پاران درسي ڪتابن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دادو درسي ڪتاب جي کوٽ خلاف  استادن ۽ ساگردن طرفان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ اڍائي لک شاگردن مان رڳو 68 ھزار 300 شاگردن لاءِ درسي ڪتاب پھتا آھن، ڪتاب جي کوٽ سبب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي.

ھنن چيو تھ سنڌ سرڪار، پڙھندي سنڌ تھ وڌندي سنڌ جو نعرو ھنيو ھو ڪتاب نھ ملندا تھ شاگردن کي تعليم ڪٿي ڏني ويندي.

سندن چوڻ ھو تھ ڪورونا، مھاٻوڏ ۽ برساتن سبب دادو ضلعي جي تعليم اڳ ئي متاثر ٿي آھي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ جلد درسي ڪتاب فراهم ڪري شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
43%
1.9m/s
1%
آچر
23 °
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون