- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن.
لاڙڪاڻي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زال فوت ۽ مڙس ۽ پٽ زخمي ٿي پيا.
بورڊ آفيس ڀرسان ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڇڇڙا واسي عبدالرئوف لاڙڪ، سندس گهرواري سپنا ۽ پٽ آڪاش زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي سپنا لاڙڪ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ٽنڊي آدم ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت فوت ۽ سندس مڙس زخمي ٿي پيو آهي.
باءِ پاس تي مدينا ڪانٽي وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ شهناز ڀَٽِي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس لياقت ڀَٽِي زخمي ٿي پيو آهي.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
بي سيڪشن پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ٽنڊي غلام حيدر ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
لغاري واهه بس اسٽاپ وٽ سوزوڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ٿرپارڪر واسي وڪيو راهمون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته رمضان ۽ علي اصغر زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نبي سر روڊ ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
شاهه فارم ويجهو مسافر ڪوچ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڀارو ڪڇي، شوو ڪولهي ۽ پرڪاش ڪڇي سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس مسافر ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي……….- Advertisement -
