تازه ترين

شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي صحافين کي پلاٽن جي فراهمي جو مسئلو فوري حل ڪرڻ جون هدايتون جاري

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي صحافين کي پلاٽن جي فراهمي جو مسئلو فوري حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر فاضل جميلي جي اڳواڻي ۾ وفد جي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، گورننگ باڊي جي ميمبرن حفيظ بلوچ، حماد حسين، مونا صديقي شرڪت ڪئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار  ڪيو ويو. پريس ڪلب جي وفد سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صحافين ۽ پريس ڪلب کي درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏني. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جون فوري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي پريس ڪلب سان هر دور ۾ سھڪار انمول رهيو آهي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي ۽ جمهوري قدرن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جو ڪردار نھ وسارڻ جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صحافين جي پنهنجي حڪومت آهي، پيپلز پارٽي هر دور ۾ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪيو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي هر دور ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، چاهين ٿا ته پريس ڪلب جي اڳوڻي باڊي دوران جيڪي ڪم رهجي ويا هئا، اهي موجوده باڊي جي سھڪار سان مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته صحافين کي پلاٽ فراهم ڪرڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاھيون ٿا ته جيئن صحافي ڀائرن کي رليف ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هائوسز کي درپيش چيلينجز کان آگاهه آھيون، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار هر دور ۾ ميڊيا هائوسز کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي تجويز ڪيل انٽرنيشنل ميڊيا ڪانفرنس بابت آگاھي ڏني. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته انٽرنيشنل ميڊيا ڪانفرنس لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن سهڪار فراھم ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون