سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليس جي مبينا مقابلن دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته 4 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليس جي مبينا مقابلن دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته 4 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. سکر پوليس  مقابلي دوران ٻن ڦورن کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس جو چون آهي ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سعيد آباد لنڪ روڊ تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 ڄڻا مارجي ويا. ايس ايس پي موجب، مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ انور نون ۽ خادم حسين نون طور ٿي، سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. ايس ايس پي سکر موجب، مارجي ويل ڏوهارين گذريل ڏينهن پنهنجي ساٿين سان گڏجي نمائش ڪالوني شاهين اسڪول ڀرسان مسجدجي پيش امام کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي هئي جنهن جا سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي آيا هئا ٻئي ڏوهاري ڦر، ڌاڙن ۽ چوري جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هئا، سندن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي حيدرآباد پوليس ٻن ڌار ڌار مقابلن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بچاءِ بند ويجهو مقابلي دوران محمد حسين پٺاڻ نالي جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب، سٽي ٿاڻي جي حد واپڊا ليبر هال ويجهو مقابلي ۾ سهڻو خان نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب، ٻنهي زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن شھدادڪوٽ پوليس امام بخش روڊ تي مقابلي دوران صدام جتوئي نالي جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار خلاف 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا جن جي ڳولا لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي. ميان صاحب پوليس زرخيل لنڪ روڊ تي پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ خانپور واسي شهزادو پٽ ارباب ميراڻي طور ٿي جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
20 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
35%
3.7m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون