- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
سکر ۾ وڪيلن پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف عرفان احمد سنگهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن طرفان ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري نادر ڀٽو، عبدالستار هليو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
نوشهروفيروز ۾ مختلف ڌرين پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف شبانه، زينب، خالد راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
تنگواڻي ۾ جسقم ۽ جساف پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف اعجاز ملڪ، صادق نندواڻي، والي ڏنو سبزوني ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جعفر آباد روڊ کان بس اسٽينڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
وارهه ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف منور نوناري، محمد علي خشڪ، مرتضيٰ گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڏوڪري ۾ سنڌ شاگرد سڀا پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
ميهڙ ۾ بار ايسوسي ايشن ۽ عوامي لائيرز فورم پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف نجيب الرحمان مهيسر، رياض ڏيرو، داد محمد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
جاتي ۾ نوجوانن پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف علي وارث شاهه، امن لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ انتهاپسندي خلاف آهي، ڪراچي پوليس رواداري مارچ مٿان ڪڙڪي پئي.
هنن چيو ته هو پوليس پاران رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪن ٿا.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته پرامن مظاهري تي تشدد، وحشياڻو ۽ آمراڻو عمل آهي، تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.- Advertisement -
