سنڌ هائيڪورٽ امڪاني آئيني ترميم خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ امڪاني آئيني ترميم خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس شفيع محمد صديقي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئيني ترميم ٿي ئي نه ناهي ته عدالت مداخلت ڪيئن ڪري سگهي ٿي، ترميم کان پهريون اندازو ڪيئن لڳائي سگهجي ٿو ته آئين تحت آهي يا ناهي؟. سنڌ هائيڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس شفيع محمد صديقي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئيني ترميم ٿي ئي نه ناهي ته عدالت مداخلت ڪيئن ڪري سگهي ٿي، ترميم کان پهريون اندازو ڪيئن لڳائي سگهجي ٿو ته آئين تحت آهي يا ناهي؟. درخواست ڏيندڙن جي وڪلي موقف اختيار ڪيو ته آئيني ترميم جو مسودو اسيمبليءَ ۾ آندو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي چيو ته پوءِ اوهان درخواست هتي کڻي آيا آهيو؟، اسيمبلي ۾ ويٺل 24 ڪروڙ عوام جا چونڊيل نمائندا آهن. چيف جسٽس محمد شفيع صديقي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهيو آهي؟، جنهن تي وڪيل چيو ته فيصلو پڙهيو آهي. عدالت امڪاني آئيني ترميم خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
31%
1.6m/s
9%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون