سنڌ جي مختلف علائقن ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن. مٽياري پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران ڏهن جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته اڏيرو لال، کيبراڻي، مٽياري، نيو سعيد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون ويون. پوليس موجب ڪاررواين دوران پرويز خاصخيلي، شمس الدين کوسو، انور علي، الطاف کوسو، رحمت الله سولنگي، جواد، ڪمال ڇٽو ۽  صاحب ڏنو سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو . پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي. هوڏانهن ٺٽي ويجهو سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪينجهر ڍنڍ وٽ ڪارروائي ڪري ٻيڙي ذريعي منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪارروائي دوران ٽن جوابدارن شاهد، ظفر ۽ ياسر گندرو کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي  سجاول پوليس ميرپور بٺوري ويجهو مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران اشتهاري ڏوهاري وسيم شاهه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار ڪراچي جي ڪلفٽن، ملير شاهه لطيف ٽائون، ٺٽي، مٽياري سميت مختلف ٿاڻن تي ڏهه کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
46%
1.8m/s
88%
خميس
15 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
24 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون