تازه ترين

ٻارڙن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن جي سخت نگراني ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٻارڙن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن جي سخت نگراني، منشيات ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي مددگارن کي به گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، صدر ڪچي ۾ زمينن تي قبضو نه برداشت ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو آهي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ اغوا جا واقعا روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، ڊرگ مافيا ۽ سمگلنگ خلاف ڀرپور ڪم ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽيءَ جو 31هون اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي اجلاس گذريل ايپڪس ڪميٽي جو تسلسل آهي، صدر آصف علي زرداري امن امان بابت اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ڪيو، صدر ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي مددگارن کي به گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته صدر منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صدر آصف علي زرداري زمينن تي قبضن کي نه قبول ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو، صدر جي حڪمن تي سنڌ حڪومت مڪمل عمل ڪندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، سنڌ سرڪار ڊرگ مافيا ۽ سمگلنگ خلاف ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي.

ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ هڪ نائيجيرين کي گرفتار ڪيو آهي، حيدرآباد ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 3 منشيات وڪرو ڪندڙ مارجي ويا.

سندس چوڻ هو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث جوابدارن خلاف 164 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 164 ڪيسن ۾ 166 گرفتار ٿيا آهن، 27 گاڏيون ۽ 22 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون.

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 4 ڏهائي 380 ڪلو گرام هيروئن، 419 ڏهائي 472 ڪلو چرس ۽ 12 سئو ڪلو ڀنگ هٿ ڪئي وئي آهي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪولن تي ڪڙي نظر رکي ويندي ته جيئن منشيات کان ٻارن کي محفوظ رکي سگهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته فيصلو ڪيو آهي ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ادارا قائم ڪيا ويندا، ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ٻين صوبن ۽ وفاقي ادارن سان گڏجي آپريشن تيز ڪن.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ڪو آرڊينيشن ۾ آهن.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته منشيات خلاف آپريشن ۾ سنڌ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
14 %
2.4kmh
6 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون