ڄامشوري ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب علي آباد واسي عورت خيرالنسا کوسو فوت ٿي وئي ۽ اڪرم کوسو ۽ ڪائنات کوسو زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
شهدادپور ۾ ڪوس گهر وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ٽئين ڪلاس جو شاگرد دلشير حاجاڻو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ٺٽو –حيدرآباد روڊ تي درگاهه لاکو پير ويجهو ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد خان سومرو واسي محسن سومرو فوت ٿي ويو ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.
موقعي تي موجود ماڻهن لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
