- Advertisement -
سينيٽر دلاور خان 8 فيبروري تي عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ٺهراءَ تي عمل لاءِ سينيٽ چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو.
خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ آزاد سينيٽر دلاور خان خط ۾ چيو آهي ته سينيٽ 5 جنوري تي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن اڃا تائين چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٺهراءَ ۾ نشاندهي ڪيل خدشن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها، مسئلا حل ڪرڻ کانسواءِ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي سوديبازي نظر اچي رهي آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ايوان جي ڪسٽوڊين جي حيثيت ۾ مداخلت ڪري سندس ٺهراءَ تي عمل بابت موجوده صورتحال معلوم ڪئي وڃي.
خط ۾ چيو ويو ته يقيني بڻايو وڃي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊ کي ملتوي ڪيو وڃي.- Advertisement -
