- Advertisement -
پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف رياض جي دوري دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.
اهم ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب لاءِ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري وارن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري بابت سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عمل جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
سعودي ولي عهد ڇهن مهينن ۾ پنجون ڀيرو پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته اهو حقيقي محبت ۽ ٻطرفي احترام جو ثبوت آهي، جيڪو ٻنهي ملڪ جي عوام کي ڳنڍي ٿو، ٻطرفي سهڪار کي هٿي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهميت رکي ٿو.
وزيراعظم شهبازشريف، سعود ولي عهد کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، سعودي ولي عهد وزيراعظم جي دعوت قبول ڪندي چيو ته هو جلد پاڪستان جي دوري جو خواهشمند آهي- Advertisement -
