- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سميت ڪابينا ميمبر پگهار ۽ سهولتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چار نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
ڪابينا ميمبرن پگهارون ۽ سهولتون نه وٺن جو فيصلو ڪيو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ڪابينا کي آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدي بابت بريفنگ ڏني.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
ڪابينا پي آءِ ايَ هولڊنگ ڪمپني جوڙڻ جي منظوري ڏني جيڪا خانگائڻ واري عمل طرف اهم اڳڀرائي آهي.
وفاقي ڪابينا پي آءِ ايَ کي خانگائڻ واري معاملي جو جائزو ورتو.
اجلاس دوران مير علي ۾ دهشتگرد حملي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن لاءِ فاتحه پڙهي وئي.
ڪابينا اي سي سي جي فيصلن جي منظوري پڻ ڏني..- Advertisement -
