- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت وفاقي حڪومت کان 12 آگسٽ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
گم ٿي ويل شهرين جي ڳولا ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب عدالت پاران جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
عدالت پاران جاچ آفيسر کي روزاني جي بنيادن تي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
عدالت سڄي ملڪ جي جيلن، حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت وفاقي حڪومت کان به 12 آگسٽ تي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
