تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان صوبي ۾ بجلي ٺاهيندڙ ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپني قائم ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان صوبي ۾ بجلي ٺاهيندڙ ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپني قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ٿر جو ڪوئلو سموري ملڪ جي بجلي جي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿو، في يونٽ 15 کان 20 رپيه خرچ ٿيندو، صنعتون آر ايل اين جي چارج ادا ڪري رهيون آهن جيڪو مناسب ناهي، ڪراچي رڳو هڪ شهر نه پر سموري قوم جي لائف لائن آهي. ڪراچيءَ ۾ 19هين مائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هو ڪراچي چيمبر کي اهڙو ايونٽ ڪرائڻ تي مبارڪ ڏئي ٿو، کيس هر سال هن ايونٽ ۾ گهرايو ويندو آهي، سندس لاءِ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته هو هن ايونٽ ۾ ايترا ڀيرا اچي چڪو آهي، کيس پنهنجو ايونٽ لڳندو آهي، جيئن هو ايونٽ آرگنائيز ڪندو آهي، 2004ع ۾ هن ايونٽ جي اڳوڻي صدر ڪي سي سي آءِ سراج قاسم تيلي جي دور ۾ شروعات ڪئي وئي هئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن نمائش جو مقصد پاڪستان جي شين کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ ۽ متعارف ڪرائڻ آهي، ڪراچي جي صنعتن کي اوهان جي ضرورت آهي، بجلي ۽ گيس جا مسئلا ڳنڀير ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته گيس ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي، هو آر ايل اين جي چارج ڪري رهيا آهن، پاڻي جو به ڳنڀير مسئلو آهي، ڪراچي سمورن نسلن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو شهر آهي، ڪراچي اهڙو شهر آهي جنهن ۾ هر ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، ڪراچي رڳو هڪ شهر نه پر سموري قوم جي لائف لائن آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان اچي رهي آهي، راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي ترقي، پروڊڪشن ۽ ايڪسپورٽ سان ملڪ هلي رهيو آهي، 70 سيڪڙو گيس سنڌ صوبي پيدا ڪري رهيو آهي، وڌيڪ حصو سندن ماڻهن جو هئڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته جنهن صوبي مان گيس نڪرندي سڀ کان وڌيڪ اتان جي ماڻهن کي فائدو ڏنو ويندو، جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن هنڌ جو ايڊوانٽيج آهي ته فائدو به ان کي وڌيڪ ڏيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ سڀني کي گڏجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، اڄڪلهه سڀ کان وڏو مسئلو بجلي جو مسئلو آهي، جنهن جو حل ضروري آهي، سنڌ پاڪستان جو انرجي باسڪٽ آهي، مهانگائي، مهانگي بجلي ۽ مهانگي تيل سبب آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ اڍائي ڪروڙ جي آبادي آهي، هر هنڌ تان ماڻهو آيا آهن، ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي انڊسٽريون بند ٿي ويون ۽ ڪجهه ماڻهو بند ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، اڄڪلهه ڪيترائي چئلينجز آهن جن بابت ٻڌائڻو پوندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
45 %
2.7kmh
19 %
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون