سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج ۽ رينجرز طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

spot_img
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج ۽ رينجرز طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ جون حالتون ٻين صوبن کان وڌيڪ بهتر آهن. ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج ۽ رينجرز کي طلب ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪچي ۾ ڪيترائي ڌاڙيل ماريا ۽ گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي،   امن امان جي صورتحال جنوري کانپوءِ بهتر ٿي آهي. سندس چوڻ    هو ته  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ حالتون بهتر آهن،  مخدوم جميل الزمان احترام جوڳو شخص آهي پر هو سندس موقف سان متفق ناهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  بلاول ڀٽو زرداري جلد وزيراعظم سان ملاقات ڪري سنڌ سميت ملڪ جي مسئلن تي ڳالهائيندو. هن چيو ته   بچاءَ بند مضبوط آهن، آر بي او ڊي جي ڪري ڪجهه هنڌن تي مسئلا ٿي رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سکر –حيدرآباد موٽروي جي تعمير ۽ ڪراچي-حيدرآباد موٽروي جي بهتري لاءِ وفاقي حڪومت ڳالهه ٿي آهي. هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ امن جو پيغام آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي،

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون