سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي سرپرستي هيٺ صوبي جي 30 ضلعن ۾ سنڌ پنڪ گيمز شروع

- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي سرپرستي هيٺ صوبي جي 30 ضلعن ۾ سنڌ پنڪ گيمز شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ پنڪ گيمز 2025 جو افتتاح راندين واري وزير محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ڪيو. تقريب ۾ راندين جي ڊائريڪٽر امداد علي ابڙو ۽ ڪراچي جا سمورن ضلعي راندين جا آفيسر پڻ موجود هئا. راندين واري وزير محمد بخش مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پنڪ گيمز عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ حوصلا افزائي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته انهن راندين ذريعي عورت رانديگرياڻين کي پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ ۽ قومي سطح تي پنهنجو سڃاڻ ٺاهڻ جو موقعو ملندو. سندس چوڻ هو ته اهڙو ايونٽ سنڌ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي، سنڌ پنڪ گيمز  سڄي سنڌ ۾ شروع ٿي ويون آهن، جيڪي 15 فيبروري تائين جاري رهنديون. محمد بخش مهر چيو ته سنڌ پنڪ گيمز ۾ خاص ٻارن لاءِ رانديون پڻ منعقد ڪيون ويون آهن، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ خاص ٻارن جو ڪلب قائم ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي سڀني ضلعن مان 6 هزار کان وڌيڪ عورتون سنڌ پنڪ گيمز ۾ حصو وٺي رهيون آهن، سڀني ضلعن ۾ 15 مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا. صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته سنڌ پنڪ گيمز ۾ ايٿليٽڪس، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن، فٽبال، ڪرڪيٽ، هاڪي، مارشل آرٽس، ريسلنگ، رنگ بال، والي بال، باڪسنگ، ٿرو بال ۽ ٻيون رانديون شامل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
43%
3.4m/s
0%
اڱارو
19 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون