تازه ترين

سنڌ حڪومت طرفان بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسي فراهم ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي جلد اي وي ٽيڪسي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ حڪومت بيروزگار نوجوانن لاءِ ماحول دوست اي وي ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي مختلف بينڪن سان رابطن ۽ مختلف مالياتي ماڊل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي ۾ اي وي ٽيڪسي اسمبل ڪندڙ ڪمپني جي اختيارين، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ڪمپني اختيارين سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ماحول دوست اي پي ٽيڪسي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو بيروزگار ماڻهن کي آسان قسطن جي منصوبن تي اي ٽيڪسيون فراهم ڪرڻ چاهن ٿا ته جيئن اهي باعزت طريقي سان پنهنجو روزگار ڪري سگهن. هن چيو ته ماحول دوست اي ٽيڪسيون سنڌ سرڪار جي سرسبز سنڌ جي عزم موجب آهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي وي ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ سان سندن نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هي بيروزگارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائڻ جو قدم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
50 %
2.3kmh
0 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون