تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ حڪومت موسمياتي سمارٽ ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
زرعي شعبي کي ھٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثر کي منھن ڏيڻ لاءِ موسمياتي اسمارٽ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ڇڏي. زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مھر جديد زرعي پيداوار، موسمياتي اسمارٽ ٽيڪنالاجي منصوبي جو افتتاح ڪيو. صوبائي وزير ڪيلي ۾ پناما ويلٽ بيماري کي روڪڻ، وونئڻن جي جلد پوکائي ۽ زرعي ٻجن ۾ جراثيم جي باقيات جو تجربو ڪرڻ لاءِ ايم آر ايل ليبارٽري جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ سيڪريٽري زراعت سھيل احمد قريشي، ڊي جي ريسرچ، آبادگار اڳواڻ سيد نديم شاھ ڄاموٽ، نبي بخش سيٺيو، زرعي سائنٽسٽ ۽ ٻيا آفيسر موجود ھئا ان موقعي تي صوبائي وزير محمد بخش مھر چيو ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي سبب زراعت کي نقصان پھچي رھيو آھي، سمارٽ ٽيڪنالاجي سان ڪڻڪ جي پوک ۾ پاڻي جي 25 کان 30 سيڪڙو تائين بچت ۽ 10 کان 15 فيصد واڌ ٿيندي. محمد بخش مهر چيو ته ڊبلنگ ميٿڊ ذريعي ڪڻڪ جي پوکائي سان ٻج جي استعمال ۾ 60 فيصد گھٽتائي آڻي سگھبي، سرنھن جھڙي گھٽ پاڻي واري فصل جي پوکائي خشڪ سالي دوران ھڪ بھتر متبادل ثابت ٿي سگھي ٿي. سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ وونئڻن جي جلد پوکائي ۽ جديد ايم آر ايل ليبارٽري جو قيام به شامل آھي، جديد ٽيڪنالاجي سنڌ جي زرعي پيداوار کي ايندڙ چيلنجز کي منھن ڏيڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته جديد زرعي پيداوار ڪلائمٽ سمارٽ ٽيڪنالاجي سان آبادگارن جي آمدني ۾ بھتري ايندي، موسمياتي سمارٽ ٽيڪنالاجي سان صوبي ۾ زرعي شعبي کي ترقي ۽ آبادگارن جي خوشحالي ۾ مدد ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
16 %
5.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون