تازه ترين

ڪراچي ۾ ايف آءِ اي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

- Advertisement -
ڪراچي ۾ ايف آءِ اي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ڪارروائي ڪئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ايف آءِ اي ڪارروائي دوران سونارڪي دڪان جي آڙ ۾ غيرقانوني پرڏيهي ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ٻن جوابدارن ممتاز شوڪت ۽ خالد ايوب کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران جوابدارن وٽان چاليهه هزار آمريڪي ڊالر ۽ 23 لک رپيا هٿ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ڪارپوريٽ سرڪل اوڀر ضلعي ۾ ڪارروائي دوران غيرقانوني دوائن جي خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ايف آءِ اي ڪارپوريٽ سرڪل ڊرگ انسپيڪٽر سان گڏ ڪارروائي دوران جوابدار محمد جاويد کي گرفتار ڪري غير رجسٽرڊ دوائون هٿ ڪيون ويون آهن. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ آيل دوائن جا نمونا ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽي اماڻيا ويا آهن ۽ گرفتار جوابدار کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
62 %
1.6kmh
7 %
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون