سنڌ حڪومت 14 آڪٽوبر تي “بينظير هاري ڪارڊ” جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ حڪومت 14 آڪٽوبر تي “بينظير هاري ڪارڊ” جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته بينظير هاري ڪارڊ ڏيڻ لاءِ 14 آڪٽوبر سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي.

محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته سنڌ جي ٻين 5 شهرن ۾ به ٿيندڙ تقريبن کي لائيو اسٽريمنگ تي ڏيکاريو ويندو.

محمد بخش مهر چيو ته بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.

زراعت واري وزير محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته تقريب ۾ پارٽي اڳواڻ، وزير ۽ اسيمبلي ميمبر به شرڪت ڪندا.

سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت صوبي جي آبادگارن کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي.

ذريعن موجب سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ 2 لک 98 هزار رجسٽرڊ هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
39%
4.4m/s
5%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون