تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس واري ڏينهن ڊي چوڪ تي احتجاج سان تحريڪ انصاف ڇا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي؟ : شيري رحمان

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس واري ڏينهن ڊي چوڪ تي احتجاج سان تحريڪ انصاف ڇا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي؟ پرڏيهي اعليٰ سطحي وفد ۽ عالمي ميڊيا ي موجودگي ۾ اسلام آباد ۾ تماشو لڳائڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

پ پ سينيٽر شيري رحمان تحريڪ انصاف جي 15 آڪٽوبر واري ڏينهن احتجاج جي سڏ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج جي سڏ مان ڪيترائي سوال اٿن ٿا.

شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ جٿن ۽ ڏڦيڙ جي سياست سان ملڪي مفادن تي حملو ڪري رهي آهي.

شيري رحمان جو چوڻ هو ته ملڪ جي ڪا به ذميوار سياسي پارٽي عالمي ڪانفرنس واري ڏينهن احتجاج جو سڏ ناهي ڏيندي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف دنيا کي انتهائي ناڪاري پيغام ڏئي رهي آهي.

شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته ڪو پرڏيهي وفد ملڪ نه اچي؟

هن چيو ته ريڊ لائن ڪو شخص ۽ سندس ذاتي سياست نه بلڪ ملڪ ۽ ملڪي مفاد هئڻ گهرجن.

شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي فيصلي ٽي نظرثاني ڪندي 15 آڪٽوبر جي احتجاج جي ڪال واپس وٺي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
27 %
1.8kmh
22 %
اڱارو
20 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون