- Advertisement -
سنڌ سرڪار طرفان ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس ونگ لاءِ هٿيارن جي خريداري جي اجازت ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نارڪو ٽڪس ڪنٽرول بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊرف مافيا خلاف زبردست آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس پوليس سان گڏ آءِ جي پوليس به اهلڪار ڏنا آهن.
سندس چوڻ هو ته نارڪو ٽڪس ۽ سنڌ پوليس گڏجي منشيات خلاف ڪم ڪري رهيون آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه شرجيل ميمڻ کي هدايت ڪئي ته نارڪو ٽڪس ونگ کي ڪراچي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته جنهن هٿيارن جا نارڪو ٽڪس پوليس کي ضرورت آهي اهي فراهم ڪيا وڃن.
وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس لاءِ تربيت ورتل عملي جي ڀرتي جي به اجازت ڏئي ڇڏي.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته 2007ع ۾ ايڪسائيز کاتي پاران حب تي چوڪي کي بند ڪيو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز کاتي کي پوليس چوڪي ٻيهر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه منشيات تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀرپور کي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز کاتي کي گهربل ضرورتن جي سمري موڪلڻ جي هدايت ڪئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته نارڪو ٽڪس جون پوسٽون سموري صوبي ۾ قائم ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته گهڻو ڌيان سرحدي چيڪ پوسٽن تي ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ منشيات روڪڻ لاءِ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس بهتر ڪم ڪيو آهي……….- Advertisement -
