- Advertisement -
سکر بئراج جي 44 ۽ 47 دروازي کي نقصان پهچڻ بعد آبپاشي کاتي هنگامي بنيادن تي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته سکر بئراج مان نڪرندڙ سمورن واهن کي پاڻي جي فراهمي ٻنهي دروازن جي بحالي تائين بند رهندي.
آبپاشي کاتي چيو ته نارا، روهڙي، خيرپور ايسٽ، خيرپور ويسٽ، ناردرن دادو، رائيس ۽ اين ڊبليو ڪينال ۾ پاڻي جي فراهمي روڪي وئي آهي.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ ۽ مرمت کي آباد بڻائڻ لاءِ اپ اسٽريم خالي ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جا سمورا دروازا مڪمل طور تي کوليا ويا آهن.
آبپاشي کاتي چيو ته بئراج جي ٻنهي دروازن جي جلد کان جلد مرمت ۽ متاثرن واهن کي پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته متاثر واهن ۾ پاڻي جي بحالي جي تاريخ 72 ڪلاڪن اندر ٻڌائي سگهجي ٿي، سکر بئراج جي بحالي ۽ جديد ڪاري تحت گيٽ نمبر 44 ۽ 47 سميت سمورن گيٽس کي تبديل ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
