تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار  وائس چانسلرن جي مقرري بابت نئين قانون تي تنقيد رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ سرڪار  وائس چانسلرن جي مقرري بابت نئين قانون تي تنقيد رد ڪري ڇڏي، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته صوبي جي يونيورسٽين ۾ وي سي جي مقرري جو طريقيڪار بهتر بڻايو ويو آهي، هاڻي پروفيسر سان گڏ ڪو بيورو ڪريٽ به وائس چانسلر ٿي سگهي ٿو، وي سي جي مقرري جي طريقيڪار تي ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي، جڏهن پ پ اقتدار ۾ آئي ته ان وقت 8 يونيورسٽيون هيون هاڻي 30 يونيورسٽيون آهن. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وائس چانسلرن لاءِ عمر جي حد 62 سال مقرر ڪئي وئي آهي، پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرز جي ڊگري رکندڙ ڪامورا وائس چانسلر ٿي سگهندا، ترميم ذريعي پروفيسرن جي وي سي طور مقرري ۾ ڪابه رنڊڪ ناهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو وي سي ايڪٽ کي غلط رنگ ڏئي رهيا آهن، واپاري عتيق مير پنهنجي ڳالهين جي وضاحت ڪئي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت چئلينجن کي منهن ڏئي نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهي آهي، وڏن وزيرن جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪرڻي آهي ته توانائي جي منصوبن سان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ پنجاب ۾ به آئي پر متاثرن کي گهر رڳو سنڌ ۾ ملي رهيا آهن، سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر ٺاهي مفت ۾ ڏئي رهيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ جو مقابلو ڪو ٻيو صوبو ڪري سگهي ٿو؟، اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽي اسپتالن جهڙا نيٽ ورڪ ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نه ملندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسلم ليگ ن وفاقي حڪومت ۾ رهندي رڳو پنجاب ۾ موٽروي ٺاهيا سنڌ کي پنهنجا حصي جا فنڊ به نه مليا آهن. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سڄي ملڪ جي اصل ضرورت توانائي آهي، ٿرڪول جو منصوبو پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار شروع ڪيو، مسلم ليگ نون جي حڪومت هن منصوبي کي ختم ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2008ع ۾ صدر آصف علي زرداري جي حڪومت ٻيهر اچڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو، هي ميگا پراجيڪٽ پ پ جي سنڌ حڪومت شروع ڪيا، سولر منصوبي تحت سنڌ جي لکين ماڻهن کي سولر سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته تحريڪ انصاف اندر سنجيده تضاد آهي، هو چاهن ٿا ته پي ٽي آءِ وارا ڳالهين جي ٽيبل تي اچن، ملڪ خلاف پرڏيهي سازشون بند ڪيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو حددخلين خلاف ڪاررواين جي حمايت ڪندو آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو حددخلين تي معاوضو به ڏيندو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حددخلين خلاف ڪارروائي تي پوليس تي حملا ٿيندا آهن، عوام جي رد عمل موجب فيصلا ڪرڻا پوندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون