- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي کوٽائي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر جبل ڪنهن جي جاگير ناهي، هو پٿر کڻڻ جي اجازت نه ڏيندا، ڪارونجهر جبل ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو، پ پ عوام کي ناراض ڪري ڪو به فيصلو نه ڪندي، ڪارونجهر يا ننگرپارڪر جي زمين کي ڪو به خطرو ناهي.
ڪراچيءَ ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار شاهه چيو ته ڪارونجهر جبل ڪنهن جي جاگير ناهي، هو پٿر کڻڻ جي اجازت نه ڏيندا، ڪارونجهر جبل ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو، پ پ عوام کي ناراض ڪري ڪو به فيصلو نه ڪندي.
هن چيو ته ڪارونجهر يا ننگرپارڪر جي زمين کي ڪو به خطرو ناهي، هو ڪارونجهر کان اڳتي ٻين سائٽن تي ڀوڏيسر کي به پراجيڪٽ بڻائي رهيا آهن.
سردار شاهه چيو ته نگران وزير کاتي جو رڪارڊ ئي چوري ڪري ويو، پهريان اهو رڪارڊ واپس ڪري نه ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
صوبائي وزير چيو ته ڪتاب ڇاپڻ جون تياريون مڪمل آهن، پهرين آگسٽ کان ڪتاب ملڻ شروع ٿي ويندا، ڪاغذ مهانگو هجڻ مسئلو هو، ان بابت وفاق سان ڳالهايو آهي- Advertisement -
