سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ يومِ تڪبير ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ يومِ تڪبير ملهايو ويندو، وفاق ۽ چئني صوبن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. 28 مئي تي پاڪستان جي ائٽمي طاقت بڻجن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير ملهايو ويندو. وزيراعظم شهبازشريف يوم تڪبير جي موقعي تي وفاق ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي اعلان کانپوءِ صوبائي حڪومتن، اسٽيٽ بئنڪ، سپريم ڪورٽ، هائيڪورٽن، اليڪشن ڪميشن  توڙي تعليمي ادارن به عام موڪل جو اعلان ڪيو. يوم تڪبير جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪورٽون، بئنڪون ۽ سرڪاري طور خانگي ادارا بند رهندا، جڏهن ته مئٽرڪ ۽ ڪيمبرج بورڊ تحت رٿيل سمورا پيپر به ملتوي ڪيا ويا آهن. يومِ تڪبير جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو ته يوم تڪبير پاڪستاني قوم جي ملڪي دفاع مضبوط بڻائڻ لاءِ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته ان ڏينهن تي   قوم فيصلو ڪيو هو ته ملڪي دفاع تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ پاڪستان  کي عالمي طور ائٽمي طاقت تسليم ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون