سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حضرت علي عليه السلام جي شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حضرت علي عليه السلام جي شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ۽ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ ماتمي جلوس ڪڍي مجلسون برپا ڪيون وينديون، ڪراچيءَ ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندو جيڪو مقرر رستن کان ٿيندي حسينه ايرانيه تي نهر ٿيندو. ان کان علاوه حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا. ماتمي جلوسن جي روٽ تي سڪيورٽي  جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. ڪمشنر ڪراچي طرفان شهر ۾ ٻن ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. ٻئي پاسي مختلف شهرن ۾ رات کان ئي روايتي ماتمي جلوس ڪڍيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
30%
2.5m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون