آفريقي ملڪ نائجر ۾ مسجد اندر ڌماڪو، 44 ڄڻا مارجي ويا

- Advertisement -
افريڪي ملڪ نائجر ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ 44 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي ، حڪومت ملڪ ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، جمعي ڏينهن نائجر جي علائقي ڪورو ۾ مسجد تي دهشتگردن حملو ڪيو. نائجر گھرو وزارت موجب، دهشتگردن حملو منجهند ان وقت ڪيو جڏهن مسجد ۾ نماز ادا ڪئي پئي وئي، دهشتگردن مسجد جو گھيرو ڪري ماڻهن کي نشانو بڻايو، حملي آور مقامي بازار  ۽ گھرن کي به باهه ڏني. گھرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ 44 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نائجر گھرو وزارت حملي آورن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نائجر حڪومت دهشتگردن جي حملي 44 ڄڻن جي شهادت کانپوءِ جمعي کان 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
40%
1.8m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون