سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي صلعم سڀاڻي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي صلعم سڀاڻي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. 12 ربيع الاول تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي جي عنوان تي سيمينار، ڪانفرنس ۽ نعت جون محفلون ڪوٺايون وينديون، جڏهن ته جلوس به ڪڍيا ويندا. ميلاد النبي صلعم تي گهٽين، بازارن، ۽ مسجدن کي ساون جهنڊن، جهنڊين ۽ رنگ برنگي لائيٽن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي عمارتن تي لائيٽون لڳايون ويون آهن. ميلاد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي موقعي تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف هنڌن تي جلوس ۽ ريليون ڪڍيون وينديون، جن ۾ شرڪت ڪندڙ رستن تي درود پاڪ جا ورد ڪندا. پوليس پاران عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. حڪومت طرفان سڀاڻي عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
16%
4.2m/s
0%
خميس
27 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون